اي پي سي ذريعي سياسي تقسيم ختم ٿيڻ جي اميد

0
173
‘ڊار’ تنين جي ڍار ....

ملڪ هن وقت جن حالتن مان گذري رهيو آهي انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌ کان وڌ سياسي هم آهنگي ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي.سياسي تقسيم ۽ سماج ۾ موجود اڻ سهپ جو رويو انهن حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.هڪ طرف سياسي عدم استحڪام آهي ته ٻئي طرف معاشي بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ انهي دوران دهشتگردي جا ٿيندڙ واقعا حالتون وڌيڪ خراب ڪي رهيا آهن، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اها سياسي تقسيم آهي جيڪا هن وقت ملڪ ۾ واضح نظر اچي رهي آهي جو سياسي معاملا ته ٺهيو پر ملڪي معاملن تي به سياسي ڌريون هڪٻئي سان گڏ ويهڻ کان ڪيٻائي رهيون آهن ۽ ان جو پيغام سڄي دنيا تائين ڪو مثبت نه پيو وڃي جنهن ڪري آءِ ايم ايف کان وٺي ٻيا مالياتي عالمي ادارا ۽ دوست ملڪ ترت مدد لاءِ اچڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن جيستائين سياسي ڌريون ملڪي مفادن لاءِ گڏ نه ويهنديون تيستائين دنيا به مثبت موٽ ڏيڻ کان ڪيٻائيندي رهندي جنهن لاءِ پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي باقي سياسي معاملن تي اختلاف هلندا رهندا.

پشاور  جي پوليس لائين جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي کانپوءِ وزيراعظم سڀني سياسي پارٽين کي ويهي صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪا پهرين اڄ يعني 7 فيبروري تي ٿيڻي هئي. ان اعلان کانپوءِ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي ۽ مخالف ڌر پي ٽي آءِ يڪدم انهي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن سان نظر اچي رهيو هو ته سياسي تقسيم ڪنهن حد تائين وڌي وئي آهي جو دهشتگردي جهڙي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ  به اسان گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهيون جنهن تي پي ٽي آءِ تي تنقيد به ٿي ته هوملڪي مسئلن تي به پنهنجي سياسي مفادن کي ترجيح ڏئي رهي آهي. پر پوءِ پي ٽي آءِ جو به وچٿرو موقف آيو ته حڪومت جي رويئي کي ڏسي فيصلو ڪيو ويندو ته ان اي پي سي ۾ شرڪت ڪجي يا نه، هڪ طرف اسان تي ڪيس ڪيا پيا وڃن ته اسان انهن سان گڏ ڪيئن ٿا ويهي سگهون.؟ هاڻي وفاقي حڪومت انهي اي پي سي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي آهي ۽ اها هاڻي 9 فيبروري تي ٿيندي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جو به بيان آيو آهي ته جيڪڏهن دعوت ملي ته اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين جنهن جو مطلب  ته هن اهم قومي اشو تي ڌرين پنهنجي پنهنجي رويئي تي نظر ثاني ڪئي آهي جيڪا بهرحال هڪ بهتر ڳالهه ۽ مثبت پيشرفت آهي. پي ٽي آءِ شرڪت جو مثبت اشارو ڏنو آهي ته حڪومت به انهن سان رابطي لاءِ تاريخ وڌائي ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ مخالف ڌر حڪومت تي انتقامي ڪاررواين سان گڏ اهو به الزام هڻي رهي هئي ته انهن باضابطا دعوت نه ڏني آهي رڳو زباني ڪلامي چيو ويو آهي جڏهن هاڻي حڪومت تاريخ تبديل ڪئي آهي ته انهي مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته حڪومت مخالف ڌر جي اها ميار به ختم ڪري ڪي وزير مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات  لاءِ موڪلي کين باضابطا دعوت ڏيندي ته جيئن هن اهم مسئلي تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ملڪ جون سڀ سياسي ڌريون هڪ راءِ جوڙڻ لاءِ گڏجي ويهن.

اسان سمجهون ٿا ته اي پي سي ڪوٺائڻ جي اعلان کان اڳ ئي حڪومت سڀني سياسي ڌرين سان رابطا ڪري اهڙو ماحول ٺاهي ها جنهن سان اهو تاثر پيدا نه ٿئي ها ته ڪو هن اهم مسئلي تي به ڌريون گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهن يا سياسي تقسيم ايتري ٿي چڪي آهي جو ان کي قومي مسئلن تي استعمال ڪرڻ کان به پاسو نه پيو ڪيو وڃي. اها ذميواري حڪومت تي وڌيڪ لاڳو ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته اها ئي ملڪي مسئلن تي سڀني ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ جو بندوبست ڪري سگهي ٿي.بهرحال “دير يد درست آيد” واري چوڻي مطابق جيڪڏهن ڌرين کي احساس ٿي ويو آهي ۽ انهن پنهنجي روين تي نظرثاني شروع ڪئي آهي ته هاڻي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته 9 فيبروري تي رٿيل اي پي سي سٺي ماحول ۾ ٿيندي ۽ ملڪ ۾ سياسي تقسيم کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿيندي.