اي نه عورت هوءِ، اي تان آھ عشق جي!

0
231
اي نه عورت هوءِ، اي تان آھ عشق جي!

 عورت ماءُ جي رُوپ ۾ رحمتن جي ڇانءَ آھي. اهڙي ڇانءَ، جنهن جو نانءُ کڻن سان رُوح کي راحت ۽ سرير کي سڪون مليو وڃي. عورت ماءُ جي اوتار ۾ اهڙي ڏاتار آھي، جنهن جي پويتر پيرن هيٺان جنت جهڙو املهه خزانو آھي. عورت ڀيڻ جي درشن ۾ اهڙي ديوي آھي، جنهن جي دُعائن جي دولت ڀاءُ جي ڀويش جو ثمر آھي! عورت زال جي رُوپ ۾ خدمت جو اهڙو جذبو آھي، جنهن کي دُنيا جي ڪابه ترازو توري نٿي سگهي. عورت پَتيورتا پَتنيءَ جي روپ ۾ اهڙي پَت آھي، جيڪا سَت جو سندرو ٻَڌي پنهنجي وَر لئه نه رڳو مائيٽاڻو گهر ڇڏي ٿي، پر سڀ ڪُجهه تياڳي اهڙي قرباني ڏئي ٿي، جنهن جي ڪا به قيمت ڪَٿي نه ٿي سگهجي. اُھا ئي عورت محبوبا جي مُورت ۾ اهڙي خوبصورت لڳندي آھي، جنهن ۾ پريم ساگر جُون پويتر ڇوليون محبت جُون مٺيون ٻوليون بڻجي وينديون آھن! جن کي ٻُڌي روڳي آتما نروڳي بڻجي پوندي آھي. ڪنڊا گُل بڻجي پوندا آھن. منزلون نزديڪ اچي وينديون آھن. عورت پنهنجيءَ تي اچي ته دُنياوي پيار جي پينگهه ۾ لوڏي ڇڏي ۽ جيڪڏھن ڪروڌ ۾ اچي وڃي ته دُنيا ئي دوزخ بڻائي ڇڏي، ايڏي شڪتيءَ آھي ناريءَ ۾…! ناريءَ جيڪا ڪاري ٿي ئي نٿي سگهي. ناري جيڪا سدا لئه ڳاڙھي هُوندي آھي روهيڙي جي گُل وانگي!

عورت هر رُوپ ۽ رنگ ۾ عظيم آھي! عورت جي عظمت ازل کان آباد آھي. عورت تخليقڪار آھي، جيڪا پنهنجي ڪُک مان اولاد ڄڻي ٿي ۽ جڏھن اولاد ڄڻي ٿي، تڏھن نه ڄاڻ ته ڪيترن سُورن جي شدت ڀوڳي ٿي. ان ڪري عورت ڀوڳنائن ۾ به سڀني کان سرس آھي. عورت هڪ اهڙو مهاساگر آھي، جيڪو پنهنجي عميق ۾ ڪيئي موتي لعل رکي ٿو. عورت جي اندر ۾ جهاتي پائي سندس روح جي تهه تائين پهچڻ ڪنهن جي وس ۾ ئي ناهي. اُھا عورت ئي آھي، جيڪا هڪ ئي وقت انيڪ جذبا ۽ احساس رکي ٿي ۽ انهن سان نڀائي به ٿي! عورت هن سماج جي آڪاش جو اُھو چَنڊُ آھي، جيڪا پنهنجي نُوراني پرتوي سان سماج جي اونداهيءَ ۾ سُهائي جا اُجالا ديپ جلائي ٿي. جيڪڏھن عورت جو وجود نه هُجي ها ته هن سنسار جي اُتپتي ئي ناممڪن هجي ها. عورت نه هُجي ها ته حُسن جون هيراڪ اکيون ناآشنا هُجن ها. اُھا عورت ئي آھي، جنهن جي وجود جي واسنا سان سمورو سنسار مهڪي ٿو! هن سنسار جي سُونهن مان عورت جو انس ڪڍيو وڃي ته پاڇي زيرو بچندو. هي دُنيا ڇسي بڻجي پوندي. حُسن وڌوا جو ورلاپ بڻجي ويندو. هن دُنيا جي گهڻي خوبصورتيءَ جو ڪارڻ صرف عورتاڻو وجود آھي. ان کان مٿي ٻي عورت جي ڪهڙي عظمت هوندي؟ عورت جو وجود ئي حُسن جي هاڪ جو موجد بڻيو آھي. دُنيا جي هر حصي ۾ عشق، سُونهن، سچائيءَ، سورهيائيءَ ۽ ثابت قدميءَ جو بُڻ بڻياد عورت ئي رهي آھي. اُھا عورت ئي آھي، جنهن جانٺن جوانن، رڻ جي جوڌن، بيربانڪن ۽ سورهيه وير سپوتن کي پنهنجي عظيم ڪُک مان پيدا ڪري هن ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي.

اُھا عورت ئي هُئي, جنهن ڪونڀا گڊ جي فاتح ششوديا راجپوت کي سهناڻي طور سر وڍي سونپيو هو. اُھا پڻ عورت ئي هُئي, جنهن جهانسيءَ جي جنتا لئه گهوڙي تي چڙھي تلوارن سان جنگ ڪئي ھُئي. اُھا عورت ئي هُئي, جنهن ٻاگهل ٻائيءَ جي اوتار ۾ روپا ماڙيءَ ۾ رڻ گجائي راڙو ڪيو هو. اُھا عورت هُئي, جنهن مومل جي روپ ۾ مچ مچائي مُحبت تان جان قربان ڪئي هُئي، جنهن سسئي جي سوروپ ۾ پُنهونءَ تان پاڻ گهوريو هو. اُھا پڻ مُنڌ ئي هُئي، جنهن کي سُهڻيءَ جي اوتار ۾ مهراڻ ٻوڙيو هو. عورت ازل کان ظلمن ۽ دکن جا تاب سَٺا آھن. ڪڏھن زُليخا بڻجي عشق جي آڳ ۾ پچي آھي پڄري آھي ته ڪڏھن سسئي بڻجي سُور ڀوڳيا آھن. ڪڏھن مارئي بڻجي ملير سان پاڻ ملهايو آھي ته ڪڏھن سهڻيءَ جي روپ ۾ سير لُڙھي آھي. ڪڏھن سيتا جي سوروپ ۾ اگني جي امتحان مان گُذري آھي ته ڪڏھن هاڏي راڻي بڻجي سر وڍي سهناڻي ڏني آھي!

ها، اهو مرداڻو وحشي سماج ئي آھي، جنهن هر جُڳ ۾ عورت کي هيسايو آھي، تڙپايو آھي. هر طرح جا ڏُک ڏنا آھن. مرد نامي انسان هر جُڳ ۾ عورت کي ڏينڀوئي وانگي ڏنگيو آھي. پنهنجي مرداڻي انا ۾ ونگيو آھي. عورت آزادي لئه تڙپي آھي، ڦٿڪي آھي، پر خاموشيءَ سان پنهنجي مجازي خدا جو هر ستم سَٺو آھي. اهو مرد ئي آھي، جنهن عورت کي ڪاري ڪلنڪدار ۽ ڪوٺي واري وئشيا بڻايو آھي!

عورت ته وئشيا جي رُوپ ۾ به عظيم آھي، ڇاڪاڻ ته هُو پنهنجي پيشي ۾ ڪابه ملاوٽ نٿي ڪري، ڪو به ڪُوڙ نٿي ڳالهائي، ڪا به ٺڳي نٿي ڪري. جهڙو آھي پنهنجو پيشو نج نبار وڪڻي ٿي. وئشيا ڪو خوشيءَ سان پنهنجي جسم جي نمائش نٿي ڪري پر ڪنهن اذيتناڪ ۽ بي رحم مجبوريءَ جي ڪري پنهنجو چاندي جهڙو چَم وڪڻي ٿي. ھُو ڪوٺي تي طوائف هوندي به معاشري ۾ مُحبتون ورهائي ٿي. لطيف سرڪار ڪيڏو نه عظيم سچُ چيو آھي ته؛

لَنڊيون لَک جيَئن، جي ڏين ڏھاڙي ڏيهه کي،

ڪبو ڪوه سَتين، جي ڍڪيو ڍڪين پاڻ کي.

مرشد لطيف جو هي بيت پڙھڻ کان پوءِ اسان کي اها چڱي ريت پروڙ پوندي ته عورت هر شڪل ۾، هر رنگ ۾، هر ڍنگ ۾ عظيم آھي. عورت سدائين نئين نينهن ۽ بڊي جي مينهن جهڙي موهي ماريندڙ آھي. ٻاجهر جي سڱن جهڙا نرم مُلائم لڱ ڌاريندڙ عورت جڏھن ساجن جي سڪ ۽ ڇڪ ۾ درياءَ جي تِک وانگي وهڻ لڳي ٿي ۽ پرين جا پيرا کڻي ڪُوڪرا ڪندي ڪيچ مڪران ڏي ڪاهي رُڃ ۾ رڙ ڪري ٿي ته ڀٽ جو ڀٽائي بي اختيار چئي ڏئي ٿو ته؛

رُڃن ۾ رڙ ٿي، جھڙي ڪري جوءِ،

اي نه عورت هوءِ، اي تان آھ عشق جي.

عورت ڪڏھن ڪڏھن عشق جي آويءَ ۾ اهڙي پچي پوندي آھي، جو هُوءَ پچڻ کي به پچائي ڇڏيندي آھي. هُوءَ پنهنجو وَن ۽ واس وساري ويهندي آھي. سڄي نُنهن کان چوٽيءَ تائين عشق جي آھ بڻجي ويندي آھي. عورت جھڙو عشق شايد ڪو ڪري سگهي!

اُتر جي آوت سان جڏھن ڏياريءَ جا ڏيئا ٻرندا آھن، جڏھن وڻجارا پنهنجين ٻيڙين جا سڙھ سمنڊ ڪناري اُڀا ڪندا آھن، تڏھن سندس ونيون وڇوڙن ۾ وڏيون راتيون ۽ گهاتيون گهاريندي ڏاڍيون وياڪل ٿي وينديون آھن. سياري جو سي سرير کي ڏاٽي جي ڏنڀ جھڙو ايذاءُ ارپيندو آھي، پر پوءِ به پنهنجن ورن جي وڇوڙن ۾ ورلاپ ڪندڙ ونيون وفادار بڻجي پنهنجن ورن جي ياد ۾ تڙپندي راتيون گُذاري ڇڏينديون آھن پر ٻاهر ٻاڦ به ناهن ڪڍنديون. ڀٽائيءَ جي سٽن “نهائينءَ کان نينهن، سِک مُنهنجا سُپرين!” تي مڪمل عمل پيرا عورت ئي هوندي آھي، ڇاڪاڻ ته اُھي به عورت جو روپ آھن. عورت هر سهنتا جو درد چڱي ريت ڀوڳڻ ڄاڻي ٿي. هُوءَ ڄاڻي ٿي ته ڦُوھ جوانيءَ جي جلترنگي ڏينهن ۾، ڪانڌ جي پاند بنان سنجهي سيءَ مرڻ جھڙو درد ڪيئن دلين ۾ دفن ڪجي. ڪيئن اُداس راتين جا رڻ جهاڳي جوانيءَ جي جوالا جي جولان کي ٿڌو ڪجي. پنهنجي ڀرتار جي وڇوڙي جي سڪ ۾ وياڪل ونيءَ جي اندر جي اُپٽار ڀٽائيءَ ڪيڏي نه ڀلوڙ ڪئي آھي ته؛

ڪامل ڪپاهن ۾، جهپ نه اچي جهات،

اچين جي پرڀات، ته سنجهي سيءَ نه ساريان.