سکر: ڪراچي ايڪسپريس جي اي سي بزنس ڪلاس بوڳي ۾ مجموعي طور تي 28 مسافر سوار هئا، جن مان 19 مسافر ڪراچي مان سوار ٿيا هئا، جڏهن ته 9 مسافر نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تان ويٺا. هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ 5 فيملي ميمبر نوابشاهه کان ملتان جي لاءِ سوار ٿيا ته ٽنڊو مستي ريلوي اسٽيشن وٽ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي وقت اڪثريت مسافر آرامي هئا. جنهن ڪري اوچتو بوگي کي باهه وڪوڙي وڃڻ سبب رڙيون پئجي ويون، آرمي آفيسر ڪجهه فيملي ميمبر کي باهه مان ڪڍي ورتو جنهن ڪري هو پاڻ به زخمي ٿي پيو.