اسلام آباد: وفاقي حڪومت اي او بي آءِ جي پينشرن جي پينشن 8500 کان وڌائي 10 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن کي قرض ادا نه ڪري سگهندڙ بيواهن لاءِ نئين اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشنن کي قرض نه ڪري سگهندڙ بيواهن جو 10 لک تائين قرض حڪومت پاڪستان ادا ڪندي، بهبود سرٽيفڪيٽ ۾ ڊپازٽ جي حد 50 لک 75 لک، جڏهن ته سي ڊي اين ايس جي شهيدن جي اڪائونٽ ۾ ڊپازٽ جي حد 50 لک کان وڌائي 75 لک ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.