ڪراچي(رپورٽر) اي آر واءِ ڊيجيٽل جي سيريل “سري راهه” ناظرين لاءِ بهترين تحفه ثابت ٿيندي. پروگرام جي حوالي سان سينيئر ڪاپي ايڊيٽر م ش خ ٻڌايو ته رنيا ميٽرڪ کانپوءِ ڊاڪٽر بڻجڻ پئي چاهي پر حالتن اجازت نه ڏني، جڏهن ته رنيا جي والد عرفان جو سمورو ڌيان حاتم ٿي هو اهو حاتم کي انجنيئر بڻائڻ چاهي پيو، رنيا جو پيءُ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور هو ۽ هڪ ڏينهن هن کي دل جو دورو پئجي ويو جنهن سبب هن ٽيڪسي هلائڻ ڇڏي ڏني، حاتم کي اهو فڪر هو ته هاڻي منهنجي پڙهائي جو ڇا ٿيندو، اهڙين حالتن کي ڏسندي رنيا پيءُ جي ٽيڪسي هلائڻ جو فيصلو ڪيو، حاتم ۽ هن جي والد مخالفت ڪئي ان سان مسئلا وڌي ويا جو رنيا ان ۾ ڪامياب ٿي وئي، حاتم جي تعليم مڪمل ٿيندي؟ اهو ڊرامو سيريل ڏسڻ کانپوءِ ئي پتو پوندي. ڊرامي سيريل جي اداڪارن ۾ صبا قمر، منيب بٽ، صبور علي، حريم فاروق، سنيتا مارشل، فضيلا قاضي، مڪال ذوالفقار، مرزا زين بيگ، ندا ممتاز ۽ سجير الدين شامل آهن.