ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۾ تڪرار، بااثر ايڪسيئن سيڪريٽري کي پنهنجي بدلي جو آرڊر واپس وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو مليل ڄاڻ موجب ورڪس اينڊ سروس کاتي جي نئين سيڪريٽري شارق احمد ۽ صوبائي بلڊنگس 2 جي 18هين گريڊ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر تنوير ڪلوڙ وچ ۾ تڪرار پيدا ٿي پيو آهي. سيڪريٽري تنوير ڪلوڙ کي 28 نومبر تي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي سندس جاءِ تي اسلام آباد سنڌ هائوس جي ريزيڊنٽ انجنيئر شاھ زمان شيخ کي مقرر ڪيو. ايگزيڪيوٽو انجنيئر اثررسوخ استعمال ڪندي 30 نومبر تي پاڻ کي ساڳئي عهدي تي بحال ڪرائي ڇڏيو. سيڪريٽري نوٽيفڪييشن واپس ورتو. ذريعن موجب سيڪريٽري پاران ڪرپشن، ناقص ڪارڪردگي ۽ ٻين سنگين الزامن هيٺ ايڪسيئن کي هٽائي رپورٽ ڪرايو پر ايگزيڪيوٽو انجنيئر طاقتور نڪتو. سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروس شارق احمد “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته تنوير ڪلوڙ کي هٽائڻ واري معاملي جي ڪا خبر ناهي، منهنجي پوسٽنگ تازي ٿي آهي، ممڪن آهي ته تنوير ڪلوڙ  کي اضافي چارجون مليل هجن جنهن ڪري کيس هٽايو ويو هجي پر هاڻي کيس هٽائڻ واراو آرڊر واپس وٺي ساڳئي عهدي تي بحالي ڪيو ويو آهي. ڪوشش باوجود تنوير ڪلوڙ سان رابطو نه ٿي سگھيو.