ايڪتا ڏھاڙي جي سلسلي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار طرفان مک تقريب ڪراچي ۾ ٿيندي

0
296

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويندو، ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي، سڏ تي سڀاڻي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايڪتا جون تقريبون رٿيل آھن

 ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار طرفان واءِ ايم سي روڊ ڦوهارا چوڪ کان آرٽس ڪائونسل طرف ويندڙ روڊ تي مُک ايڪتا تقريب ٿيندي، ڪراچي جي مُک تقريب منجهند 12وڳي کان رات 8 وڳي تائين جاري رهندي، ناليوارا فنڪار شريڪ ٿيندا

ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي 4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون تيز ٿي ويون آھن، حيدرآباد جي اسڪول ۾ جاڳرتا تقريب دوران ٻارن طرفان ٽيبلوز پيش، قومي گيتن تي رقص ڪيوويو

Jubilant crowds sing and dance to celebrate Sindh Culture Day - Newspaper - DAWN.COM

ڪوٽ غلام محمد ۽ قمبر جي اسڪولن ۾ به شاگرد ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي ويا،سکر ۾ ايڪتا تقريب دوران شاگردياڻين طرفان ثقافتي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي سان محبت جو اظهار،اسڪولي ٻارن طرفان “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو آھي

ڪنڌڪوٽ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان لاءِ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، فنڪارن پاران سرن جي ورکا ڪئي وئي

 نصرپور ۾ مچ ڪچهري دوران ثقافتي گيتن تي شاگردن جو رقص ڏسڻ وٽان، لاڙڪاڻو ۾ به ٻن فنڪار ڀينرن ليليٰ سسٽرس طرفان قومي گيت ڳائي ڌرتي سان عشق جو اظهار  ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

ٿر ۾ ايڪتا جا رنگ: اسڪول ۾ تقريب، ٽيبلوز پيش، ڳوٺاڻن پاران مچ ڪچهري

بدين ۾ ايڪتا جا رنگ، ڳوٺ فقير محمد عرس ڪيريو ۽ مڊل اسڪول الهڏنو سومرو ۾ تقريبون