ايڪتا ڏھاڙو سنڌي ميڊيا ۽ ھڪ نئين سنڌ

0
560
ادب جي دنيا آرٽ ۽ رنگن جو ڪئنواس

 دنيا جي ھر ملڪ ۽ قوم کي پنهنجي پنهنجي ثقافت ھوندي آهي ۽ دنيا جو ھر ماڻهو پنهنجي ڌرتي پنهنجي  ٻولي ۽ ثقافت سان بي انتھا پيار ڪري ٿو اھا ثقافت ٻولي ۽ سندن ڌرتي انھي قوم جي اصل سڃاڻپ ھوندي آهي .ثقافتي ۽ تھذيب جي اعتبار کان سنڌ قديم زماني کان وٺي شاھوڪار تھذيب ۽ ثقافتي قدرن جي وارث رھي آهي. 2009ع ۾ ھن ملڪ جي (سنڌ ڄائي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌي ويس پائي جڏهن مختلف ملڪن جا دورا پئي ڪياته  ھڪ نجي ٽي وي چئنل جي اينڪر پرسن پاران انھي وقت جي  ملڪ جي صدر آصف علي تي  سنڌي ويس پائڻ تي طنز ڪيو ويو انھي جي ردعمل ۾ سنڌي ماڻهن ٽقافتي ڏھاڙو ملھائي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظھار ڪيو ھو.ا 6ڊسمبر 2009ع تي محترم علي قاضي طرفان جڏهن پھريون ڀيرو“ سنڌ ” کي ثقافت جي وارثي ڪرڻ ۽ ايڪتا جي نالي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو ھو تڏهن سنڌ جي ماڻھن انھي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏئي ۽ سنڌ  ثقافتي ڏھاڙو (ايڪتا ڏھاڙو) ملھائي دنيا کي اھو پيغام ڏنو ھوته اسان سنڌي ماڻھو پنهنجي تھذيبي ثقافتي قدرن جا امين آھيون ۽ پنهنجي ڌرتي تاريخ آرٽ ۽ ٻولي سان بي پناهه محبت ڪيون ٿا ۽ پنهنجي ثقافت جي وارثي ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

سنڌ ۾ ھاڻي ھرسال جڏهن به ايڪتا ڏھاڙو ملھائجي ٿو ته ھرسال ملھائجندڙ  انھي ڏھاڙي جي منظرن ۾ مون کي ھڪ “نئين سنڌ ”نظر ايندي آهي. گذريل 12سالن دوران ھن وقت تائين جيڪي ايڪتا ڏھاڙا ملھايا ويا آھن انھن ڏھاڙن سنڌ جي شعورکي ھڪ نئون رخ ڏنو آهي سنڌ ۾ ثقافتي قدرن کي نئين جدت ملي آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن  ثقافت کي پنهنجو ڪيو آهي. لوڪ ڪچھرين ۽ گيتن کي هٿي  ملي آهي ۽ قومي ٻڌي کي ڪنهن حد تائين فوقيت ملي آهي. ڪنهن به سماج ۾ قوم جي رھڻي ڪھڻي اٿڻي ويھڻي ريتن رسمن رواجن کاڌ خوراڪ پوشاڪ ۽ اخلاقي قدرن جي گڏيل مجموعي جو نالو ثقافت آهي .ياايئن  کڻي چئجي ته ثقافت سماج ۾ قومي سڃاڻپ جي پيڙھه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي.ھونئن ته سنڌ جي ثقافت جا رنگ پڻ سرس رھيا آهن. ڪپڙو اڻڻ کان وٺي رڱاوت جو ڪم ڪرڻ سنڌ جي ثقافت سان سلھاڙيل آهي .

ثقافت جو ھڪڙو ڪارج اھو پڻ آهي ته اسان پنهنجي سماج ۾ ھڪ اھڙو سگھارو ماحول جوڙيون جيڪو نج ثقافتي قدرن ۽ مثبتي روين سان ٽمٽار ھجي .سنڌ جي ثقافت ۾ جتي رسم رواج رھڻي ڪھڻي لوڪ گيت  راسوڙا ھمرچا نمايان رھيا آهن ته اتي سنڌ جا روايتي قدر۽ صوفياڻو رنگ پڻ سنڌ جي سڃاڻپ جو اھڃاڻ رھيوآهي.ھي سنڌ ڌرتي جيڪابايزيد بسطامي واري تصوف کان وٺي شاھه عنايت واري نعري جوکيڙي سو  کائي کان پوءِ سچل سامي ۽ شاھه لطيف جي صوفياڻي شاعري وسيلي ايڪتا جو پنڌ ڪندي دنيا کي امن جو پيغام ڏيندي رھي آهي انھي سنڌ ڌرتي جي عظيم شاعر شاھ لطيف ڀٽائي“عالم سڀ آباد ڪرين” جھڙي سٽ تخليق ڪري ساري عالم لاءِ دعاگھري ھئي.انھي سنڌ جو صوفياڻو وجود ثقافتي قدرن جو عڪس آهي ايئن کڻي چئجي  ته سنڌ جي ثقافت سنڌ  جو سمبل آهي.ھن سال پڻ سنڌي ميڊيا طرفان 5ڊسمبر تي سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙوملھايو پيو وڃي. سنڌ ڌرتي اسان جي محبتن جو محور آهي۽اسان جون بي پناهه محبتون پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل آهن.

ايڪتا ڏهاڙو ڌرتي ماءُ سان محبت ۽ وفا جو عهد ورجائڻ جو ڏينھن پڻ آهي، جيتوڻيڪ ايڪتا ڏهاڙو هاڻي سنڌ ۾ سماجي ڳانڍاپي جو هڪ اهم ذريعو بڻجي ويو آهي. پربنيادي سوال اھو پڻ آهي 12سالن جي ھن عرصي ۾ اسان ايڪتا ڏھاڙي جي اھميت ۽ افاديت کي ڪيترو سمجهي سگھيا آھيون؟جيتوڻيڪ انھي ڏھاڙي جي ڪري سنڌ کي دنيا ۾ ھڪ نئين سڃاڻپ ملي آهي پرھي سوال غور طلب آهي ته سنڌ جي تعليم ۽ ترقي لاءِ اسان ڪيترا سنجيده آھيون ۽انهيَ ڏس ۾ پنهنجو ڪھڙو  ڪردار ادا ڪري رھيا آهيون؟ اسان جي سنڌ جي ثقافت ڪھڙو رخ ورتو آهي سنڌي ٻولي جي ترقي واڌاري لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ھن وقت سنڌ  کي جڏهن انيڪ چئلينجز سامهون آهن ته اسان کي اھو پڻ سوچڻ گھرجي ته اسان جي سنڌ موجوده عالمي ۽ ملڪي سياست جي منظرنامي ۾ ڪٿي بيٺل آهي؟ڇا اسان موجوده وقت ۾ سنڌ کي درپيش مک چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي سگھه رکي سگھون ٿا؟ سنڌي ميڊيا ته سنڌ کي گڏجڻ لاءِ ھڪ سگھارو پليٽ فارم مھيا ڪري ڏنو آهي ۽ اھو پليٽ فارم قومي ايڪتا جو آهي ۽ قومي ايڪتا ذريعي اسان پنهنجي وجوديت ۽ بقا جي جنگ وڙھي پڻ سگھون ٿا. جنھن سنڌ کي اسان پنهنجي جند چئون ٿا انھي سنڌ جي ترقي لاءِ پڻ اسان کي گھڻ رخي پھلوئن تي سوچڻ ويچارڻ گھرجي.

ڌرتي جي هر ماڻهو جي دل ۾ “سنڌ”دڙڪي ٿي پرانهي “سنڌ” ڪڏهن به سک ناهي سنڀريو.سنڌ کي ڪڏھن ورھائڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون ته ڪڏهن ڪراچي کي اسان کان ڇنڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون پر ڪراچي ته سنڌ جي دل آهي جنھن ۾ اسان جي وڏڙن جا سوز ۽ آواز دفن ٿيل آهن ۽ ھي اھائي سنڌ آھي جيڪا اسان جي وجود جو حصوآهي. اڄ جڏهن ايڪتا ڏهاڙو  ملهايو پيو وڃي ته اتي سنڌ جي وجوديت جو سوال پڻ اسان جي اڳيان آهي انھي ڪري ھن ڏھاڙي کي ڌرتي ماءُ جي اجتماعي مفادن کي سامهون رکي ملھائڻ گھرجي ۽پنهنجي ڌرتي جي وارثي لاءِ عملي طور تي اڳتي اچڻ گھرجي. سنڌ جي وجوديت تعليم ۽ ترقي لاءِ ھڪ سگھارو آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌجي شھرن ۽ ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي .

ھي سنڌ جا سمورا شھر اسان جا آهن ھي ڪراچي پڻ اسان جي آهي ڪارونجھر کان وٺي ڪشمور تائين  سموري سنڌاسان جي وجود جو حصو آهي. انھي سنڌ جي ترقي لاءِ گھڻ رخي پھلوئن تي سوچڻ ويچارڻ جي ضرورت آهي. اسان جا شھر يا ڳوٺ جيڪي نڌڻڪائپ جو شڪار آهن انھن جو ڌڻي ضرور ٿيڻ گھرجي. اڄ جڏهن ايڪتا ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي ته  اسان کي انھن ھنرمند ماڻھن کي ھرگز نه وسارڻ گھرجي جيڪي پنهنجي ھٿن جي محنت سان سنڌ جي ثقافت کي زنده رکيو پيا اچن . اجرڪ ٻانڌڻا پڙا ٽوپيون مٽي جا ٿانو ٻيا ھنر جوڙيندڙ ماڻهن جي ڪڏهن سرپرستي پڻ نه ٿي سگهي آهي . 5 ڊسمبر جو ڏھاڙو  سنڌ جي ثقافتي ھنرن کي بچائڻ ۽ سنڌ جي ثقافت کي ترقي وٺرائڻ جو ڏينهن ھجڻ گھرجي، 5 ڊسمبر جو ڏھاڙو سنڌ جي قومي ٻڌي جو ڏھاڙو ھجڻ گھرجي، ايڪتا ڏھاڙو سنڌو جي سدا تار وهڻ لاءِ جاکوڙ ۽ دعا سان سلهاڙيل هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جي سنڌي سماج جو ھر فرد پنهنجي حصي جو ڪم ديانتداري ۽ ذميواري سان ڪندو رھي ته  سنڌ ترقي جي راھن ڏانهن گامزن ٿي سگهي ٿي .مجموعي طور تي ايڪتا ڏهاڙو “ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو ڏهاڙو” آهي ۽ ايڪتا ڏھاڙي اسان سڀ ڌرتي واسي ايڪتا جي مالھا ۾ پوئجي “سنڌو تو ۾ ساهه اسانجو” جي سلوگن سان ڳنڍجي   پنهنجي ڌرتي ماءُ سان محبت جو اظهار ڪري ايئن چوندا رھنداسين  ته

تو قدمن تان قربان وڃان اي سنڌ امان اي سنڌ امان .

تو پيرپڻي تان گھور وڃان اي سنڌ امان اي سنڌ امان .

ٽوپي اجرڪ جمالا سلامت ھجن  ايڪتا جا حوالا سلامت ھجن .

تون سڪاريل ھجين مان دعا ٿو گھران اي سنڌ امان اي سنڌ امان.