ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ان کان اڳ ايڪتا ڏهاڙو ايئن ڪونه ملهايو هو، جيئن هن ڀيري ملهائيندي. هن ڀيري ٻوڏ اتر کان ڏکڻ تائين سنڌ ۾ لکين سنڌ واسين کي دربدر ڪري ڇڏيو، ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون ته ڪيترائي اجها لڙهي، ڊهي پٽ پيا. مارو ماڻهو ڪيمپن توڙي کليل آسمان هيٺان ويهي امداد جا منتظر رهيا. چوڌاري قيامت جا منظر ڏسڻ ۾ آيا، پر سنڌ واسين هن مها قيامت جي گهڙين ۾ به پنهنجي حوصلن کي پست ٿيڻ نه ڏنو- ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار پاران سنڌ جي ان حوصلي ۽ همت کي سلام پيش ڪندي پڌرو ڪيو وڃي ٿو ته هن ڀيري ايڪتا ڏهاڙو “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سري هيٺ ملهايو ويندو. اهو درد جو رشتو ئي هجي ٿو جيڪو انسانن کي هر ڏک ۽ تڪليف جي گهڙي ۾ ڳنڍي رکي ٿو.  هن ڀيري 4 ڊسمبر تي سنڌ واسي هڪٻئي جي درد کي پنهنجو درد سمجهندي ساڻن ايڪتا جو اظهار ڪندا، جو هن ٻوڏ اهو واضع ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ واسين کي ايڪتا جي اڳ کان به وڌيڪ ڪيتري نه شديد ضرورت آهي. طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين کان بچي ويل علائقن ۾ به سنڌ واسين پاران ٻوڏ متاثر ڀائرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ مختلف ثقافتي تقريبون ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا. تقريبن ۾ ٻوڏ دوران يا بعد ۾ پکڙيل وبائي بيمارين وگهي حياتيون وڃائي ويهندڙ سوين سنڌ واسين جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪري کين گلن، لڙڪن ۽ دعائن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. جن جا اجها لڙهي ويا تن جي لڙڪن کي ٽهڪن ۾ تبديل ڪندا. ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ترجمان موجب سنڌ واسي ايڪتا ڏهاڙي تي هر فرق کان مٿانهون ٿي پنهنجي متاثر سنڌ واسين جي واهر ڪندا. ساڻن خوشيون ۽ مرڪون ونڊيندا ۽ اهو عزم ورجائيندا ته سڀ گڏجي هڪ نئين ۽ خوشحال سنڌ جي تعمير ڪندا.