ڪراچي: ايڪتا جي مُک تقريب ۾ اجرڪ، ٽوپي، گَج ۽ پٽڪي جا اسٽال لڳي ويا، اسٽالن تان وڏي پيماني تي خريداري ڪئي وئي. ان حوالي سان ڪالهه واءِ ايم سي روڊ تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ٿيل مُک تقريب ۾ اجرڪ، ٽوپي، گج ۽ پٽڪن جا اسٽاڪ به لڳايا ويا هئا. جن تان سڄو ڏينهن ماڻهو ثقافتي شيون خريد ڪندا رهيا.