سکر (بيورو رپورٽ) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضيءَ طرفان 4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏھاڙو ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جي سري ھيٺ ملھائڻ واري اعلان کان پوءِ پوري سنڌ ۾ تياريون تيز ٿي ويون. اديبن ۽ شاعرن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي ايڪتا ڏهاڙو برسات متاثرن سان گڏجي ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي. اِن ڏس ۾ ناليواري شاعر ۽ اديب تاج جويي چيو ته سنڌ جا اديب برسات متاثرن سان ھر ڏک سک ۾ گڏ آھن. شاعر ادل سومري جو چوڻ ھو ته ايڪتا عيد سجاڳي جو سڏ آھي. ھن ڀيري ايڪتا ڏھاڙي تي سنڌ سان درد جي رشتي ۾ جڙڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان هڪ ٻئي جا ڀرجهلا بڻجي وڏي طاقت ۽ حوصلي درد جي ڪيفيت مان نڪري اچون. روئڻ ۽ ڏکارو ٿيڻ کان بھتر آھي ته دردن منجھان ھمٿ، حوصلي سان طاقت حاصل ڪريون. نامور اديب اياز گل چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات سبب وڏي تباھي آئي. حڪومت سنڌ واسين جي مالڪي تان هٿ کڻي وئي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ واسين جو ڀرجهلو بڻجڻ جي ضرورت آھي. سجاد ميراڻي، اختر درگاهي، آزاد انور ڪانڌڙي، امر اقبال ۽ قربان منگيءَ جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي ڌرتي ڌڻين کي درپيش مسئلن کي نظر ۾ رکندي ايڪتا ڏهاڙو سنڌ سان درد جو رشتو جي بھترين عنوان ھيٺ ملھائڻ واري اعلان مان ثابت آهي ته ھو سنڌ واسين جي اھنجن، تڪليفن جو احساس رکي ٿو. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته برسات متاثر علائقن مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.