ايٽمي ڦوڳ

0
178
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

   ايٽمي بجلي جي حوالي سان ڪيترائي رايا موجود آهن جيڪي ان جي فائدي ۾ به آهن ته ان جي خلاف به آهن. تڏهن به ٻنھي صورتن ۾ هڪ نڪتو هميشه بحث هيٺ رهيو آهي ته ايٽمي ڦوڳ جو نيڪال ڪيئن ڪجي؟ واضح رهي ته ايٽمي ٻارڻ تمام گھڻو گھاٽو ٿيندو آهي.  تنهن ڪري ان جي ٿورڙي مقدار مان به توانائي جو تمام گھڻو مقدار حاصل ڪري سگھبو آهي پر انهي عمل جي دوران گھٽ ئي سهي پر ڪجھه نه ڪجھه ڦوڳ ضرور پيدا ٿيندو آهي. مقدار جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هڪ ڄڻو پوري سال جي بجلي جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو ڦوڳ پيدا ڪري ٿو اهو اٽڪل هڪ سر جي برابر ٿيندو آهي. ان ۾ پنج گرام اهڙو مواد هوندو آهي جنهن کي هاءِ ليول ويسٽ چون ٿا.

  هڪ هزار ميگاواٽ بجلي واري ايٽمي بجلي گھر جي ذريعي اٽڪل 20 لک انسانن جي بجلي جي گھرج پوري ٿيندي آهي. جيڪڏهن استعمال شده ٻارڻ کي ريسائڪل ڪيو وڃي ته مجموعي طور سالياني بنيادن تي ٽي مڪعب ميٽر جو هاءِ ليول وارو ڦوڳ پيدا ٿئي ٿو . ان جي جيڪڏهن ڪوئلي سان ڀيٽ ڪري ڏسجي ته ڪوئلي سان هلندڙ هڪ هزار ميگاواٽ واري بجلي گھر مان ساليانو ٽي لک ٽن رک ۽ ڇهه ملين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ پيدا ٿئي ٿي. ايٽمي ڦوڳ جي ذريعي بجلي جي پيداوار گھٽ ئي سهي پر تمام گھڻو تابڪار ڦوڳ پيدا ٿئي ٿو جنهن کي هن وقت تائين فقط وچولي مدي تائين نيڪال ڪيو پئي ويو آهي پر هاڻي ان کي گھڻي مدي تائين گھٽ ۾ گھٽ ڏهن هزارن ۽ وڌ ۾ وڌ هڪ لک سالن تائين دٻائي رکڻ لاءِ اپائن جي ضرورت محسوس ڪئي پي وڃي ۽ انهي سلسلي ۾ تحقيق ۽ تجربا به ڪيا پيا وڃن.

سوئيڊن تازو ئي تابڪار ايٽمي ڦوڳ جي نيڪال لاءِ هڪ منصوبي جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم کان هڪ سو ٽيھه ڪلوميٽر اتر ۾ فورسمارڪ واري علائقي ۾ هڪ جاءِ کي ايٽمي ڦوڳ جي نيڪال لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سوئيڊن جي ماحوليات بابت وزير انيڪا اسٽرينڊهال هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته،“اسان ماحول ۽ شهري ٻنھي جي ذميداري کڻي رهيا آهيون ۽ ان سان گڏوگڏ ڊگھي مدي وارن بنيادن تي سوئيڊن جي بجليءَ جي اپت ۽ ان ميدان ۾ ملازمتن جا موقعا اسان جي پيش نظر آهن.“ ايٽمي تحفظ واري “ڪي بي ايس ٿري” نالي ان منصوبي کي سوئيڊن جي ماحوليات بابت عدالت به منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن منصوبي تحت هاڻي  فورسمارڪ واري علائقي ۾ ايٽمي ڦوڳ دفن ڪيو ويندو. اهو ڦوڳ ڌرتي ۾ پنجن ميٽرن جي اونھائيءَ ۾ لوھ جي دٻن اندر ٽامي جي نالين ۾ ڀري ٽڪرائين ڪرسٽلائن جي وچ ۾ دٻايو ويندو. انهي مسلسل عمل سبب جڏهن ستر سالن کان پوءِ اها جاءِ ڀرجي ويندي ته ان کي مٽي سان ڍڪيو ويندو ته جيئن پاڻي ان کان پري رهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان ماڳ کي سيل مهر ڪيو ويندو. هن ماڳ تي ايٽمي ڦوڳ جي پهرين کيپ آزمائشي بنيادن تي 2023ع ۾ پهچائبي. جڏهن ته حقيقي معنيٰ ۾ اهو ماڳ 2025ع کان آپريشنل ڪيو ويندو.

 سوئيڊش وزيرموجب هن ماڳ ۽ ايٽمي ڦوڳ کي محفوظ طريقي سان دٻائڻ لاءِ چاليهن ورهين تائين تحقيق ڪئي وئي آهي ۽ هن ماڳ ۾ دٻائجندڙ ايٽمي ڦوڳ کي هڪ لک ورهين تائين محفوظ رکڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.