اسلام آباد : ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير جي حوالي سان چيو آهي دوست ملڪن پاڪستان جي سپورٽ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، اسان کان ان جي تڪميل جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبن جي حوالي سان ٿيل سينيٽ جي هول ڪاميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته نيوڪليئر يا ميزائل پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اسان کي قومي مفادن جو  تحفظ ڪرڻو آهي، ڪنهن کي به حق ناهي ته پاڪستان کي ٻڌائي ته ڪهڙي رينج جا ميزائل يا ايٽمي هٿيار رکون، هن چيو ته ماضي ۾ سڀ کان پهريان مون آءِ ايم ايف معاهدو ويب سائيٽ تي رکيو هو، جيئن ئي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو ان کي ناڻي وزارت جي ويب سائيٽ تي رکيو ويندو، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ دير جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام نئون ناهي ، هي پروگرام 2019ع ۾ اڳوڻي حڪومت شروع ڪيو، هي 2020ع ۾مڪمل ٿي وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته 2013ع کان 2016ع تائين آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو ويو هو،  2019ع ۾ آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل پروگرام نئين طرز جو هو، اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻيا قانون پارليامينٽ منظور ڪيا، منهنجي راءِ ۾ ان کان پوءِ مانيٽري پاليسي تمام گهڻي آزاد ٿي وئي، هن چيو ته آءِ ايم  ايف معاهدي ۾ دير حڪومت جي طرفان نه آهي، آءِ ايم ايف سان هن ڀيري ڳالهيون تمام ڊگهيون ۽ گهڻيون غير معمولي آهن جنهن ۾ تمام گهڻا مطالبا آهن، هن چيو ته اسان هر شئي مڪمل ڪري ڇڏي آهي، ڪجهه دوست ملڪن پاڪستان جي سپورٽ جو واعدو ڪيو هو، آءِ ايم ايف چئي رهيو آهي ته انهن واعدن کي مڪمل ڪيو، صرف اهو ئي دير جو سبب آهي.