اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي، ملڪ مٿان چڙهيل قرض اسان جو پيڇو ڪري ٿو، ڪنهن به دوست ملڪ وٽ وڃون ٿا ته هو چون ٿا ته هي قرض گهرڻ آيا آهن، اسلام آباد ۾ وڪيلن جي تقريب دوران هن چيو ته ٻوڏ جي اهڙي تباهي شايد ئي نظر آئي هجي،ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي اڃا به خاموش تباهي ڪري رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي به چيلنج بڻجي وئي آهي، اڄ سکر جي رستي پيئڻ جي پاڻي جي ٽرڪ پهچائينداسين، لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ٻوڏ ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سردي جي موسم اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو، ٻوڏ متاثر هڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان آهن، خيمن ۾ پيٽ سان عورتون به موجود آهن. وزيراعظم چيو ته ، ٻوڏ نه به اچي ها ته معاشي صورتحال چيلنجنگ هئي، حڪومت سنڀالي ته پاڪستان معاشي تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو هو، اتحادي حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالي کان بچايو،اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جي پاسداري نه ڪئي، آءِ ايم ايف اسان کان نڪ سان لڪيرون ڪڍرايون، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن کي تسليم ڪيو هو، ڇا پاڪستان رڳو ان لاءِ وجود ۾ آيو هو، هن چيو ته وڪيل انصاف ۽ قانون جي ڳالهه ڪن ٿا، هن وقت ٻه نظريه ضرورت دريافت ڪيو ويو، 75 سال گذري ويا آهن پر اڄ به اسان دائري ۾ گهمي رهيا آهيون، ايٽمي طاقت نه هجون ها ته اسان جا مسئلا وڌيڪ ڳنڀير هجن ها، جيڪي اسان کان ملڪ پوئتي هئا اهي به اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن، 75 سالن کان پوءِ به اسان ڪشتو کڻي گهمي رهيا آهيون ، اڄ قوم مون کان ۽ ڪابينا کان سوال پڇي رهي آهي ته ڇا سبب آهي ته اڄ به اسان غربت، بيروزگاري جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، شهباز شريف چيو ته اسان کي ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم طور پهريان مون کي ۽ پوءِ سڀني کي ڏيڻو آهي.