اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنجاب چونڊ تي نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت اٽارني جنرل کان نظرثاني جي دائري ڪار بابت راءِ طلب ڪئي آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پنجاب ۾ چونڊن واري حڪم تي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي چيو ته آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو ڪالهه عدالت پاران ڪجهه رمارڪس ڏنا ويا ته اليڪشن ڪميشن جا اهي نقطا پهريان ڇو نه اٿاريا ويا ٻي ڳالهه اها چئي وئي ته وفاقي حڪومت پهريان ٽئي چار جي چڪر ۾ پيل رهي، اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن صوبي ۾ چونڊون ٿيون ته قومي اسيمبلي جي چونڊ متاثر ٿي سگهي ٿي، پنهنجي جواب ۾ ٽئي چار جو فيصلو ٿيڻ جو ذڪر به ڪيو ويو هو. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا گڊ ٽو سي يو، چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان گهٻرائي ڇو رهيا آهيو؟ اوهانکي گهٻرائڻو ناهي عدالت اوهان جي ٻڌڻي لاءِ ويٺي آهي ڪوئي نئون نقطو اٿاريو ويو ته جائزو وٺي فيصلو ڪنداسين عدالت ۾ نقطواٿاريو ويو پر ان تي بحث نه ڪيو ويو، چيف جسٽس چيو ته آئون ته مرسڊيز استعمال ئي ناهيان ڪندو پوليس عمران خان لاءِ مرسڊيز جو استعمال ڪيو هو ان ڳالهه جو خبر ناهي ڇا مطلب ورتو ويو چيو ويو ته سپريم ڪورٽ عمران کي پيشي لاءِ مرسڊيز ڏني، اسان جي هر شيءِ درست رپورٽ ناهي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي روسٽرم تي اچي چيو ته عدالت سدائين آئين جي تشريح زنده دستاويز طور ڪندي آهي انصاف جو حتمي ادارو سپريم ڪورٽ آهي ان لاءِ دائري ڪار محدود نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته مڪمل انصاف ۽ آرٽيڪل 190 جو اختيار ڪنهن ٻي عدالت کي ناهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا 150 سال جون عدالتي مثال غير موثر ٿي ويا آهن عدالتي مثال موجب نظرثاني اپيل جي دائري ڪار ۾ فرق آهي ان ڳالهه جو جواب اوهان ڪالهه کان ناهي ڏنو، چيف جسٽس چيو ته ماضي کي حڪومت خلاف استعمال نه ڪنداسين اسان حڪومت جي نه پر الله جي رضا لاءِ ويٺا آهيون، اسان الله لاءِ ڪم ڪندا آهيون ان ڪري چپ ويٺا آهيون، چيف جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجي ماڻهن کي چئو ته اسان جي دروازي تي اهڙيون ڳالهيون نه ڪن ايوان ۾ به بيهي سخت ڳالهيون نه ڪن، اسان الله لاءِ ڪم ڪندا آهيون ان ڪري چپ ويٺا آهيون، چيف جسٽس چيو ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون پر جنهن هستي جو ڪم ڪري رهيا آهيون اها به پنهنجو ڪم ڪندي آهي اوهان صفايون نه ڏيو عدالت صاف دل سان ويٺي آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان جي هر شيءِ درست رپورٽ ناهي ٿيندي عمران کي مرسڊيز پوليس ڏني هئي ڳالهه کي خبر ناهي ڇا مان ڇا ٺاهيو ويو. جسٽس منيب اختر چيو ته دائري ڪار تي اوهان جا دليل مڃون ته سپريم ڪورٽ رولز ڪالعدم ٿي ويندا سپريم ڪورٽ رولز ۾ نظرثاني تي به اڃا تائين ڪا ترميم ناهي ڪئي وئي دائري ڪار وڌايو ته پوءِ ڪيترائي پراڻا ڪيس به اچي ويندا، جسٽس منيب اختر چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته سپريم ڪورٽ رولز جو نظرثاني بابت آرڊر 26 پورو لاڳو نه ٿئي آرڊر 26 پورو لاڳو نه ٿيڻ سان نظرثاني داخل ڪرڻ جي مدت به ختم ٿي ويندي ڇا 10 سالن کانپوءِ ڪوئي نظرثاني داخل ڪري چئي سگهي ٿو ته رولز مڪمل لاڳو نٿا ٿين اوهان کي شايد پنهنجا دليل مڃڻ جي نتيجن جو اندازو ناهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته نظرثاني داخل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل مدت ختم نه ٿيڻ گهرجي رولز نظرثاني جي آئيني قدم تي پابندي نٿا لڳائي سگهن.چيف جسٽس چيو ته اوهان جي نظر ۾ نظرثاني جو دائرو محدود هجڻ درست ناهي دائرو وسيع هجڻ گهرجي ان نقطي تي اٽارني جنرل کان راءِ وٺنداسين هاڻ اصل ڪيس ڏانهن اچو ان تي دليل ڏيو، چيف جسٽس چيو ته عدالت ٻن منٽن ۾ فيصلو ڪري سگهي ته نظرثاني خارج ڪئي وڃي ٿي عدالت قانوني نقطن تي ٻڌي فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي، آساني سان چئي سگهون ٿا ته اوهان سواري مس ڪري ڇڏي، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن صدر کي هڪ ڏينهن چونڊن جي ايڊوائس ڇو نه ڏني؟ صدر کي 3/218 جو ٻڌايو نه ئي 1970 جي چونڊن جو، اليڪشن ڪميشن صدر کي نه سيڪيورٽي جو ٻڌايو نه ئي فنڊز جو ٻڌايو، چيف جسٽس چيو ته زميني حالتن جو ذڪر ڪرڻ بنا چيو پيو وڃي 3/218 تحت وڌيڪ اختيار ڏنا وڃن آئين اختيار ڏئي ٿو ته استعمال ڪرڻ کان اڳ اکيون ۽ ذهن به کليل رکو ، وڪيل چيو ته تلور جي شڪار واري ڪيس ۾ به عدالت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪئي 18هزار ملازمن جي ڪيس ۾ نظرثاني خارج ٿي پر عدالت 3/184 ۽ 187 جو اختيار استعمال ڪيو ججز ڪيس ۾ به عدالت پنهنجو فيصلو پاڻ تبديل ڪيو ججز ڪيس ۾ عدالت سوموٽو نظرثاني ڪئي هئي  جسٽس فائز جي گهرواري جي نظرثاني ڪيس ۾ به عدالت پنهنجو فيصلو واپس ورتو هو، چيف جسٽس چيو ته 7رڪني بينچ ٺهي ئي نه ته 3/4  جو فيصلو ڪيئن ٿي ويو؟ اليڪشن ڪيس جي بينچ عدالتي حڪم تي 9رڪني کان 5 رڪني ٺهي عدالتي حڪم تي ڪوئي رڪني بينچ نه ٺهي، عدالت اٽارني جنرل کان راءِ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.