ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ قانون بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون غير آئيني طريقي سان ٽوڙڻ سبب اڄ ملڪ ۾ بحران واري صورتحال آهي، ڇا سپريم ڪورٽ غير آئيني طور ٽوڙيل 2 اسيمبلين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگھي ٿي؟ عمران خان جي انٽرويو ۽ صدر عارف علوي جي سرگرمين جو نوٽيس ورتو وڃي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ملڪ ۾ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ جوڊيشل  ڪو ( عدالتي يلغار) لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن، اڳ ۾  ڳالهيون پردي پٺيان ٿينديون هيون  پر هاڻي پوري قوم جي  سامهون معاملا نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان انٽرويو ۾ جنرل (ر) باجوه سان آگسٽ ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات جو انڪشاف ڪيو آهي، انهي ملاقات کان اڳ عمران خان باجوه خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪري ڇڏي هئي. ايوان صدر جو ڪهڙو ڪم آهي؟ ڇا اهو سازشن جو ڳڙهه آهي. هڪ آرمي چيف ۽ اڳوڻي وزيراعظم وچ ۾ ٿيل ملاقات کي ڳجهو رکيو ويو ، ايوان صدر مان ان بابت ڪا به پريس رليز جاري نه  ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان چيو آهي ته هن باجوه جي حڪم تي پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙيون ھيون ، ڇا  غيرقانوني طور ٽوڙيل اسيمبلين تي سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس بڻجي ٿو؟ هنن چيو ته اڄ وري اڳوڻي چيف جسٽس  ثاقب نثار جي آڊيو ليڪ آئي آهي. ثاقب نثار مڪمل طور تي سازشن ۾ ملوث رھيو آهي، سندس دور ۾ وڏو نيڪسز جڙيل ھو، ثاقب نثار شروع کان ئي عمران خان جو سهولتڪار رھيو آهي، ثاقب نثار جو سمورو دور ۽ سندس فيصلا سواليا نشان بڻجي ويا آهن،اسان سمجهون ٿو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار عمران جي ٽائيگر فورس جو ڪارڪن بڻيل هو.  هن مرضي جون بينچز ٺاهي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرايا،  هنن چيو ته ڇا ثاقب نثار جا سمورا فيصلا ڪالعدم نه ٿيڻ گهرجن. ؟  هن چيو ته جج  سياستدانن کي ڳالهين جو چئي رهيا آھن.، عوام کي ٻڌايو وڃي ته اهي حڪم آئين جي ڪهڙي شق تحت ڏنا پيا وڃن. ؟ ڇا اهو سڄي نظام لاءِ سواليه نشان ناهي؟ هن چيو ته عمران خان ڪٺ پتلي  آهي، پهريان  هو ڪنهن ٻئي جي آڱرين تي نچندو هو، هاڻي هو ڪنهن ٻئي جي آڱرين تي نچڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عمران خان جي تازي انٽرويو کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اکيون  کولي عمران خان خلاف بغاوت ڪرڻ گهرجي. عمران خان جي انٽرويو ۽ عارف علوي جي سرگرمين جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو وڃي، پنجاب ۽ ڪي پي ٽوڙڻ جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هنن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم کي نشانو بڻائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن عدالتون عوام جي مستقبل جو فيصلو ڪنديون ته پوءِ اهو فيصلو اچڻ گهرجي ته سمورا فيصلا پارليامينٽ بدران چيف جسٽس ڪندو. هن چيو ته جج صاحبان  خلاف مختلف ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن پر اُنھن کي ٻڌو نه ٿو وڃي.