حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت پاران سرڪار جي سال 23-2022ع لاءِ تجويز ڪيل ڪڻڪ جي امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ جي آجيان ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي خوراڪ کاتي کان فوري طور تي اگهه جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو وڃي. ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ هلندڙ سال ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ زمين جي دستيابي کي هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت 80 سيڪڙو زمينون سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيون آهن. سنڌ سرڪار آبپاشي ۽ ڊرينيج کاتي ۾ ٻين کاتن مان قابل عملدارن کي ڊيپوٽيشن تي مقرر ڪري رات ڏينهن پاڻي نيڪا ڪرائڻ ۽ ان جا قدرتي لنگهه بحال ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي ته جيئن ربيع جي فصل لاءِ زمينون تيار ٿي سگهن. اجلاس ۾ چيو ويو ته 15 آڪٽوبر کان سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکي جي مند شروع ٿي ويندي. ان وقت تائين زمين خالي ٿيڻ ۽ تياري ڪرڻ حڪومت توڙي آبادگارن لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. سنڌ هر سال 43 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ڪري ٿي جيڪا ايندڙ سيزن ۾ 10 لک ميٽرڪ ٽن پيدا ڪرڻ به مشڪل هوندي. برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سان سنڌ جي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جو هن وقت تائين 700 ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي ان نقصان جا ذميوار آبپاشي ۽ ڊرينيج کاتي جا عملدار آهن. کين گرفتار ڪري تاريخي سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙي بربادي کان بچي سگهجي. سنڌ جي تباهي برسات جي ڪري نه پر ڪامورن جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نتيجي ۾ ٿي آهي جنهن سبب سنڌ ترقي جي ميدان ۾ 10 سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي. ايوان زراعت سنڌ مطالبو ڪيو ته آبپاشي ۽ ڊرينيج جي عملدارن کي متحرڪ ڪري ۽ ايڊهاڪ تي سڀني آبپاشي عملدارن کي ٻنيون خالي ڪرائڻ جو هدف ڏئي عملي طور تي ڪم ڪرايو وڃي. ايوان زراعت پاران سنڌ ۾ اڃا تائين هلندڙ گهارن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها به گهر ڪئي وئي ته گهارن کي فوري طور تي بند ڪري پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.