ايوارڊ واش روم جي هينڊل طور استعمال ڪندو آهيان:نصيرالدين شاهه

0
320
ايوارڊ واش روم جي هينڊل طور استعمال ڪندو آهيان:نصيرالدين شاهه
ايوارڊ واش روم جي هينڊل طور استعمال ڪندو آهيان:نصيرالدين شاهه

ممبئي ( شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار نصيرالدين شاهه فلم ايوارڊن کي  بي معنيٰ ۽ لابنگ جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو آهي ته مان ايوارڊ ان لاءِ وصول ڪرڻ ناهيان ويندو ڇاڪاڻ جو منهنجي نظر ۾ انهن جي ڪابه اهميت نه آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو ويجهڙائي ۾ به ايوارڊ وصول ڪرڻ ناهي ويو

نصيرالدين شاهه چيو ته مان ايوارڊن کي پنهنجي واش روم جي هينڊل طور استعمال ڪندو آهيان هن چيو ته منهنجي فارم هائوس جي واش روم جيڪو ماڻهو ويندو ان کي اتي ايوارڊ نظر ايندا ڇاڪاڻ جو اهي بينڊلز  لاءِ ئي آهن

نصيرالدين شاهه چيو ته ايوارڊ اڄ جي دور ۾ بي معنيٰ آهن ۽ اهي لابنگ جي نتيجي ۾ ئي ملن ٿا تنهنڪري انهن جي اهميت نه آهي