اين ٽي ايس پاس اميدوار کي نوڪري ڏيڻ جو حڪم: ائين ڪيو ته نئون پنڊورا باڪس کلندو: سيڪريٽري تعليم

0
434

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص ۾ 9 سال اڳ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار کي هفتي ۾ نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ميرپورخاص واسي عبدالرزاق نهڙي وڪيل ممتاز عالم لغاري معرفت عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، شوڪاز نوٽيس ملڻ بعد سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت سيڪريٽري تعليم کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اميدوار کي اڃا تائين آفر ڇو ناهي ڏني؟، جنهن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀرتين واري پاليسي تحت اميدوار نوڪري لاءِ اهل ناهي، وري به کيس ڊي آر سي ڏانهن اماڻيو ويندو

عدالت سيڪريٽري کي چيو ته اوهان جي پاليسي ۾ ڪٿي لکيل آهي ته اميدوار کي ملازمت نه ٿي ملي سگهي؟، اوهان استاد پيا ڀرتي ڪيو يا پوليس ۽ فوج ۾ اهلڪار، اوهان سيڪريٽري تعليم آهيو ڪجهه پنهنجي ذهني صلاحيت کان ڪم وٺو ها

سيڪريٽري تعليم جواب ڏنو ته اسان اميدوار کي ڀرتي نه ٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن ائين ڪيو ته نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو، ان لاءِ عدالت جيڪو حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪيو ويندو

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سيڪريٽري تعليم کي هفتي دوران نوجوان کي نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏيندي پٽيشن اڪلائي ڇڏي