اين سي او سي جو اجلاس:بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي ۾ 17 مئي تائين واڌ جو فيصلو

0
574

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي جي اجلاس ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي ۾ 17 مئي تائين واڌ جو فيصلو، اسد عمر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ بعد لاڪ ڊائون اڻٽر آهي، سمورين ڌُرين جي اتفاق راءِ سان لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويندو، اجلاس ۾ سموريون مارڪيٽس ۽ تعليمي ادارا مڪمل طور بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، اسد عمر جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون جو فيصلو گڏيل مشاورت بعد ڪيو ويندو، ڪورونا وائرس جي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي.