حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ اين اي 249 واري سيٽ پيپلزپارٽي ڌانڌلي ذريعي حاصل ڪئي آهي، ان ڪري ان سيٽ تي ٻيهر پولنگ ڪئي وڃي، اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ آي بشير ميمڻ ڪوڙ ڳالهائي سنڌ ۽ سنڌ جي آفيسرن جو ڪنڌ هيٺ ڪرايو آهي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته اين اي 249 جي سيٽ تي اليڪشن جي صورتحال کي سڄي ڪراچي سان نه ڳنڍيو وڃي. پ پ اها سيٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي نه پر ڪارروائي جي بنياد تي ڌانڌلي ڪري حاصل ڪئي آهي، سيٽ کٽڻ لاءِ سنڌ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻي مشينري کي استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ پنهنجي مقرري جي حوالي سان پريشان هو ۽ هن پهرين سيپٽمبر 2018ع تي اسلام آباد جي هڪ بنگلي ۾ ساڻس ملاقات ڪري مختلف فورمن تي سندس ساراهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ان وقت بشير ميمڻ، آصف علي زرداري ته ٺهيو پر خود بلاول زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جون دعوائون ڪيون هيون. سندن حڪومت انتقامي ڪاررواين تي يقين نٿي رکي. ان ڪري انهن سياسي اڳواڻن خلاف ڊي جي ايف آءِ اي جي معرفت ڪي به ڪيس داخل نه ڪرايا ويا. هن چيو ته بشير ميمڻ جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي واري ڏينهن هڪ مخصوص ايجنڊا تحت هڪ مخصوص ٽي وي چينل کي مخصوص انٽرويو ڏئي وزيراعظم عمران خان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهو سڀ ڪجهه سينيٽ جي هڪ سيٽ لاءِ ڪيو. کيس اميد آهي ته مسلم ليگ ن هن کي سينيٽر بڻائيندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت بهتر حڪمراني ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ۽ اها انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي. هن چيو ته ڪتن کي پڪڙڻ لاءِ عام گاڏيون به ڀاڙي تي ٿي پئي سگهيون پر ڇاڪاڻ ته ڪتا ”صاحب“ آهن ان ڪري انهن کي کڻڻ لاءِ نيون گاڏيون ورتيون پيون وڃن. ماڪڙ کي مارڻ لاءِ 40 لک رپين جون گاڏيون ورتيون ويون جيڪي هاڻي آفيسرن ۽ سياستدانن جي گهرن ۾ استعمال ٿي رهيون آهن. اهڙي ريت ڪتن کي پڪڙڻ واريون گاڏيون به آفيسرن ۽ سياستدانن جي گهرن لاءِ استعمال ٿينديون. هن چيو ته سندن حڪومت چونڊ سڌرا آڻڻ چاهي ٿي. ڪميٽي لاءِ ويل بل واپس اچي ويو آهي جيڪو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان به پاس ڪرايو ويندو. حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته بحريا ٽائون سنڌ جي مقامي ماڻهن سان ظلم ڪيو آهي ۽ ان ظلم ۾ سنڌ سرڪار ۽ ان جا سرپرست به شامل آهن.