اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ سنڌ پوليس ڌُر بڻجي چڪي آهي:شاھد خاقان

0
358
وزيراعظم ڌمڪين تي لھي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مفتاح اسماعيل کي فوج بدران رينجرز جو لفظ استعمال ڪرڻ گهرجي ها، اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ سنڌ پوليس ڌُر بڻجي چڪي آهي، خدشو آهي ته پوليس ووٽس خراب ڪري ڇڏيندي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم ووٽ چوري ڪرڻ ڇڏي ڏئي، چونڊ سڌارن جي ڪابه ضرورت ناهي، اليڪٽرونڪ ووٽنگ سسٽم لڳائڻ حڪومتي سرڪس جي کلاڙين جو ڪم ناهي، اهو اختيار اليڪشن ڪميشن کي مليل آهي، اليڪرانڪ ووٽنگ مشين سان شفافيت بدران اليڪشن تي وڌيڪ شڪ پيدا ٿي ويندا.