اين اي 249: اليڪشن ڪميشن پاران مفتاح اسماعيل جي درخواست تي فيصلو محفوظ

0
386

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ نواز ليگ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪميشن طرفان فيصلو اڄ ئي ٻڌايو ويندو، درخواست تي ٻڌڻي دوران نواز ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ڪالعدم ٽي ايل پي طرفان فارم 46 نه ملڻ جون شڪايتون، نواز ليگ صحيحن بنا مليل فارم 45 اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏيا، پ پ طرفان نواز ليگ جي درخواست رد ڪرڻ جي استدعا، نواز ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ اسان جي نتيجن ۾ فرق آهي، اها بي ضابطگي آهي جو 167 فارم 45 تي صحيحون ٿيل نه آهن، نواز ليگ سوڌو ٻين اُميدوارن کي به فارم 46 ناهي مليو، اُميد ته اليڪشن ڪميشن هاڪاري فيصلو ڪندي، پ پ اڳواڻ لطيف کوسه چيو آهي ته نواز ليگ اليڪشن ڪميشن آڏو جيڪي جواز پيش ڪيا، اُهي درخواست ۾ لکيل ئي نه هئا، هڪ به پولنگ اسٽيشن تي ڌانڌلي جا ثبوت پيش نه ڪيا ويا، نواز ليگ پولنگ دوران يا اُن کانپوءِ ڪابه شڪايت نه ڪئي، هارائڻ کانپوءِ ته سڀ درخواستون ڏيندا آهن.