ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) اين اي ڊي ورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر  سروش حشمت لوڌي چيو آهي ته حضرت امام حسين عه استقامت جو مظهر آهي، قوم تڏھن ڪامياب ٿيندي آهي، جڏھن اھا ثابت قدم رهندي آهي، يونيورسٽي جي مرڪزي آڊيٽوريم ۾ يوم حضرت امام حسين عه  جي موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته امام حسين عليه السلام جي سموري خاندان خدا جي راهه ۾ شهادت ماڻي ثابت قدمي جو مثال قائم ڪيو  آهي، جنهن ڪري ڪربلا جو واقعو اڄ به زندهه آهي، تقريب کي ناليواري عالم نصرت عباس بخاري ۽ مفتي نويد عباسي خطاب ڪيو، جڏهن ته مشهور نوحه خوان مظهر عباس پنهنجي منفرد انداز ۾ آخري سلام پيش ڪيو.