اين ايڇ اي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي، اٿارٽي ڪنهن به روڊ تي معياري ڪم نه پئي ڪري:سپريم ڪورٽ

0
248
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين ايڇ اي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي، اٿارٽي ڪنهن به روڊ تي معياري ڪم نه پئي ڪري، اين ايڇ اي جي ڪوتاهي سبب رستن تي ماڻهو مري رهيا آهن، اين ايڇ اي جي هٿن تي حادثن ۾ فوت ٿيل جو رت لڳل آهي، سپريم ڪورٽ بلوچستان جي روڊن جي زبون حالي بابت اين ايڇ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، اين ايڇ اي جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اين ايڇ اي ڪرپٽ ادارو بڻجي چڪو آهي، هاءِ ويز جي ليز زمين تي پيٽرول پمپس، هوٽل ۽ دڪان ٺهي ويا، هاءِ ويز جي ڀرپاسي وڻ به نه پوکيا ويا، اين ايڇ اي کي ايترو پئسو ملي ٿو، خبر ناهي ڪنهن جي کيسي ۾ وڃي ٿو، عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو