حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي پاران ڪمشنر حيدرآباد کان موٽروي جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري  ان تي خرچ ٿيل رقم جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي ميمبر سائوٿ زون منير احمد ميمڻ پاران ڪمشنر حيدرآباد کي هڪ خط لکي چيو ويو آهي ته سکر-حيدرآباد (ايم 6) پراجيڪٽ قومي اهميت وارو منصوبو آهي. وفاقي حڪومت ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي. نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي پاران مٽياري ضلعي ۾ زمينن جي خريداري جي لاءِ 4 ارب 9 ڪروڙ 26 لک 69 هزار 833 رپين جي رقم جاري ڪري چڪي آهي. اها رقم ضلعي خزانه آفيس تحت جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. 4 ارب 9 ڪروڙ 26 لک 69 هزار 833 رپين جي رقم ٻن چيڪن ذريعي جاري ڪئي وئي. هڪ چيڪ هڪ ارب 38 ڪروڙ 59 لک 78 هزار 282 رپين جو ۽ ٻيو چيڪ 2 ارب 70 ڪروڙ 66 لک 91 هزار 551 رپين جو جاري ڪيو ويو. مٽياري ضلعي ۾ زمينن جي خريداري جي لاءِ جاري ڪيل رقم ۾ خرد برد بابت خبرون شايع ٿي رهيون آهن. روينيو اختيارين پاران ان معاملي بابت اين ايڇ اي جي انتظاميا کي باضابطه طور ڪا به آگاهي نه ڏني وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري کي چيو وڃي ته اهي زمين جي خريداري بابت اين ايڇ اي کي سموري معلومات فراهم ڪن. ان کانسواءِ ٻين لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز کي به هدايت ڪئي وڃي ته هو لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ 1894ع تي ان جي روح مطابق عمل ڪن ۽ بيقائدگين کان گريز ڪن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لينڊ اڪيوزيشن جي مد ۾ جاري ڪيل رقم، بقايا رقم ۽ سنڌ بئنڪ ۾ جمع ٿيل رقم جي وياج واري رقم بابت به تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ان خط جي ڪاپي چيف سيڪريٽري سنڌ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ اين ايڇ اي جي اختيارين کي به موڪلي وئي آهي.