نيويارڪ (شوبز نيوز) 53 قسمن جي آءِ فونز ۽ ايندرائيڊ فون رکندڙ لکين واهپيدار کان واٽس ايپ جي سروسز کان محروم ٿي ويا.پرڏيهي خابرو اداري موجب سماجي رابطن جي ويب سائيٽ واٽس ايپ مخصوص آپريٽنگ سسٽم جي آءِ فونز ۽ اينڊرائيڊ لاءِ پنهنجي سپورٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.واٽس ايپ انتظاميا جي ان اعلان کان پوءِ پهرين نومبر کان آءِ او ايس 9 ۽ اينڊرائيڊ 4.04 کان اڳ جي آپريٽنگ سسٽم تي واٽس ايپ نه هلندو، جيڪڏهن واهپيدار واٽس ايپ جي سروسز ۽ ڊيٽا کان محروم نه نٿا ٿيڻ چاهين ته ورجن اپ ڊيٽ ڪري وٺو.واٽس ايپ انتظاميا طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ شامل موبائل فونز ۾ پهرين نومبر کان واٽس ايپ استعمال نه ڪري سگھبو.