اينٽي ڪرپشن ڪراچي جو سول اسپتال خيرپور تي ڇاپو، ڊاڪٽر مير محمد جي پينشن روڪڻ جو حڪم

0
269

خيرپور(ن پ ا) اينٽي ڪرپشن ڪراچي جي ٽيم جو سول اسپتال جي خيرپور تي ڇاپو، انتظاميا ۾ ٿرٿلو، ڪلارڪ وجهه وٺي فرار، اينٽي ڪرپشن ٽيم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي سماجي ماڻهن اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري کي درخواستون اماڻيون ھيون ته ٻن اڳوڻن ايم ايس ڊاڪٽر مير محمد سومرو ۽ ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي جنهن تي اينٽي ڪرپشن ڪاروائي ڪئي، اينٽي ڪرپشن کاتي اڳوڻي ايم ايس جي پينشن ۽ مراعتون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن موجب ڊاڪٽر مير محمد سومرو خلاف مختلف ڪيسن ۾ جاچ هلندڙ آهي، سندس پينشن ۽ مراعتون روڪيون وڃن.