ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين نواز شيخ کي هٽائي صوبائي اليڪشن اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊي آءِ جي عثمان غني صديقي کي اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.