اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران ڊي سي هائوس مٽياري تي ڇاپي دوران 13 لک روپيا هٿ ڪرڻ جو انڪشاف

0
541

ڪراچي: اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران ڊي سي هائوس مٽياري تي ڇاپي دوران 13 لک روپيا هٿ ڪرڻ جو انڪشاف، ڇاپي هڻڻ واري وڊيو به سامهون اچي وئي آھي

اينٽي ڪرپشن ڪراچي جي ٽيم گرفتار ڪيل ڊي سي عدنان رشيد کي گڏ کڻي ڊي سي هائوس تي ڇاپو هنيو، گرفتار ڊي سي جي نشاندهي تي هڪ الماڙي مان 5-5 هزار روپين جون دستيون هٿ ڪيونموٽر وي اسڪينڊل

اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپي دوران ڊي سي هائوس مان نئين ريوو گاڏي به هٿ آئي، سنڌ سرڪار پاران جوڙيل جي آءِ ٽي مٽياري تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ سمورن تپيدارن کي حيدرآباد سڏائي ورتو آھي

ايم سڪس موٽر وي پراجيڪٽ جي زمينن جي خريداريءَ جو ريڪارڊ آڻڻ جو به حڪم ڏنو ويو آھي، موٽر وي اسڪينڊل جي جاچ ۾ تيزي آندي وئي آھي، ذريعن موجب نيب پاران سکر، خيرپور، نوشھروفيروز ۽ مٽياري ۾ ڇاپن جو سلسلو جاري آھي

ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل: نيب سکر جي ٽيم پاران نوشهروفيروز ۾ سنڌ بينڪ جي برانچ تي ڇاپو