اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ آخري قدم به کڻي ورتو، اينٽي مني لانڊرنگ ڪاميٽي کي هر ملڪ سان معاهدو ڪرڻ جو اختيار ملي ويو، وفاقي ڪابينا ڪاميٽي کي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 18 سيپٽمبر کان 21 سيپٽمبر تائين ايف ٽي ايف جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان پاران کنيل قدمن جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، ان رپورٽ ۾ اها ڳالهه به شامل هوندي ته پاڪستان مني لانڊرنگ جي حوالي سان آخري قدم به کڻي ورتو آهي، رپورٽ پيش ڪئي ويندي ته پاڪستان مني لانڊرنگ خلاف ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪاميٽي ۾ گهرو وزارت، قانون وزارت سوڌو لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هوندا، اينٽي مني لانڊرنگ ڪاميٽي مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ٻين ملڪن سان معاهدا ڪري سگهندي، معاهدو ڪندڙ ملڪ پاڪستان ۾ موجود پنهنجي شهرين جي رقم، اثاثن ۽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال بابت معلومات لاڳاپيل حاصل ڪري سگهندا، پاڪستان ٻين ملڪن کان اتي ترسيل پاڪستاني شهرين جي اهڙي معلومات حاصل ڪري سگهندو، معاهدو ملڪ جوابدار جي حوالگي جا به پابند هوندا، اينٽي مني لانڊرنگ ڪاميٽي ۾ گهرو وزارت، قانون وزارت ۽ ٻيا ادارا جاچ  ۾ حصو وٺندا انهن ادارن تي ٻڌل ڪاميٽي جيڪا معاهدا به ڪندي ۽ جاچ سوڌو رڪوري يا  ضبطگي به ڪري سگهندي. پاڪستان جي ان قدم بعد 18 آڪٽوبر تي فيٽف اجلاس بعد پاڪستان کي گري لسٽ مان وائيٽ ۾ اچڻ جي اميد آهي.