اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس ۾ درخواستگذار اڪبر  ايس بابر فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ مون کي قوم سامهون سرخرو ڪيو، عمران خان جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ اڄ پوري قوم سامهون اچي وئي آهي، عمران خان صادق الامين نه پر چور ۽ ڪرپٽ آهي، کيس پارٽي چيئرمين جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ ۾ قيادت جي تبديلي جو وقت اچي ويو آهي، پي ٽي آءِ کي ان جي نظرياتي ڪارڪنن حوالي ڪيو وڃي، اليڪشن  ڪميشن جو فيصلو اکيون کولي ڇڏيندڙ حيقيت آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪن به پنهنجو دماغ استعمال ڪن. هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو 8 سالن بعد فيصلو اچي ويو، ايندڙ مرحلو سزا جو هوندو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر چيو ته عمران خان منهنجي ڳالهه کي نه سمجهو ته آئون پارٽي ۾ اصول ۽ اخلاقيات آڻڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ جو معاملو تمام وڏو آهي، صرف هڪ قانون کي ناهي ٽوڙيو ويو، هاڻ هي معاملو الزام کان فرد جرم تائين پهچي ويو آهي، منهنجا سمورا الزام سچ ثابت ٿيا آهن، اڪبر بابر چيو ته اسان خواهش هوندي ته اسان سپريم ڪورٽ کي به هن ڪيس ۾ مدد ڪريون ۽ معاملي کي توڙ تائين کڻي وينداسين، هن چيو ته مون عمران خان کي 2011ع ۾ مني لانڊرنگ ۽ پابندي پيل فنڊنگ کان خبردار ڪيو هو، ڪمپني جي ڪل فنڊنگ 50 لک ڊالرز آهي، عمران جيڪي اڪائونٽ پاڻ استعمال ڪيا، اهي لڪايا، مونکي ڌمڪيون ڏنيون ويون، ڪيس ڪيا ويا ۽ وڏن عهدن جي لالچ به ڏني وئي.