دادو/ جوهي (نمائندا) گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايچ سي آر) جي سفير ۽ مشهور هالي ووڊ اداڪارا انجلينا جولي پاڪستان پهچي وئي. غير سرڪاري تنظيم انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي، آءِ آر سي پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي اهو اعلان ڪيو هو ته انجيلينا جولي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاڊ جلد پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن بعد ڪالهه هيليڪاپٽر ذريعي جوهي پهچي تعلقي ۾ ٻوڏ جي تباھ ڪارين جو جائزو ورتو .  انجيلينا جولي هيلي ڪاپٽر ذريعي ايم اين وي ڊرين وٽ  او پي پي ايل ڪمپني جي هيلي پيڊ تي لٿي جتي کير موري وٽ ٻوڏ متاثرن جي خيمن ۾ وڃي عورتن ٻاڙرن سان ملاقات ڪرائي وئي. متاثر عورتن روئيندي ٻوڏ جي تباھ ڪارين بابت معلومات ڏني  انجيلينا جولي عورتن کي ڳلي لائي پڻ آٿت ڏيندي رهي. سندس سيڪيورٽي آرمي جوانن جي حوالي هئي ، انجلينا جولي ايئر فورس جي هيليڪاپٽر ۾ ڪراچي کان سيوهڻ پهتي ۽ بعد ۾ بي ايڇ پي جي هيلي پيڊ تي لهڻ کانپوء ٻيڙين ذريعي جوهي جي مٿئين ڳوٺن ۾ پهتي ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پاران مقامي صحافين کي پري رکيو .