اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم چاهي ته حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي ۽ عام چونڊون ٿي وينديون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر وزيراعظم  کي اعتماد جو ووٽ ڏيڻ جو چئي سگهي ٿو، ايم ڪيو ايم ساٿ ڇڏيو ته پوءِ حڪومت ڪري پوندي.