ڪراچي: اسپيڪر آغا سراج دراني ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم پي اي رعنا انصار کي اسيمبلي ۾ پارٽي جي پارلياماني ليڊر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسيمبلي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا عورت پارلياماني ليڊر ٿي آهي، جڏهن ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، پي ٽي آءِ ايم پي ايز رابعه اظفر، سيميٰ ضياءَ ۽ سيد عبدالرشيد رعناانصار کي پارلياماني اڳواڻ ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون.