ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جو مطالبو مڃيندي ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي ۽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ جو جواز ڄاڻائي دادو ضلعي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي يونين ڪائونسلن جي انگ ۾ ڪيل اضافو واپس وٺي ڇڏيو. نئين سر جائزي لاءِ سب ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. حڪومت  ٽنڊو الهيار، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، بدين، مٽياري ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم جي ڌڙن جي انضمام ۽ پريس ڪانفرنس ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ بعد پ پ جي قيادت به صلاح مشورا شروع ڪيا. پرڏيهي وزير ۽ پ پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداي سموريون مصروفيتون ختم ڪري ڪالهه اسلام آباد کان ڪراچي پهچي ويو ۽ سنڌ جي وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان اجلاس ڪيو جيڪو رات دير تائين جاري رهيو. اجلاس ۾ پارٽي اڳواڻ ٻڏتر جو شڪار رهيا ڪجهه اڳواڻ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۽ ٻيا ملتوي ٿيڻ جا حامي هئا سندن راءِ هئي ته ايم ڪيو ايم اتحادي آهي ۽ هن موقعي تي  اتحادين کي ناراض نه ڪيو وڃي. شرجيل ميمڻ اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي چيو ته اجلاس ۾ مڪاني چونڊن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن هڪ خط لکيو هو ته دادو ضلعي جي جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ ضلعن ۾ پاڻي موجود آهي ان ڪري پاڻي نڪرڻ تائين اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي. اتحادي ايم ڪيو ايم کي تڪ بندين تي خدشا هئا. هو اتحادي هئا سندن مطالبن تي سيڪشن 10 ون تحت سنڌ حڪومت جيڪو ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ يونين ڪائونسل جو انگ وڌايو هو اهو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي. سب ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناصر شاهه، ڄام خان شورو به  شامل آهن. هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يونين ڪائونسلون وڌائڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو آهي. هن چيو ته ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، بدين، مٽياري ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ٿينديون، جماعت اسلامي ڳالهيون ڪندي ته ڪنداسين، هو وري چونڊ وڙهي سگهن ٿا.