موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي جاچ تيز: ڊي سي نوشهروفيروز روپوش: جاچ ٽيم جي پڇاڳاڇا

0
305

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايم سڪس موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي جاچ جو دائرو نوشهروفيروز تائين وڌايو ويو، جڏهن ته ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم 5 ڏينهن کان روپوش آهي

پوڻن 2 ارب روپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ 3 رڪني ٽيم نوشهروفيروز پهچي زمين جي خريداري ۽ ٻئي ريڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، ڊي سي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ملازمن کان پڇاڳاڇا پڻ ڪئي وئي

جاچ ٽيم نوشهروفيروز کانپوءِ مٽياري به پهتي، ڊي سي جي ڪيمپ آفيس ۾ کاتيدارن جا بيان قلمبند ڪيا ويا

ميگا اسڪينڊل ۾ اڳوڻو ڊي سي مٽياري عدنان رشيد، اڪائونٽنٽ جڙيل شاهه ۽ 3 ڊرائيور گرفتار ٿيل آهن

نيو سعيد آباد جو معطل ڪيل اي سي منصور عباسي ضمانت ملڻ بعد گم ٿي ويو

صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان جو اسسٽنٽ اسلم پيرزادو به ضمانت تي آزاد آهي

ھي به پڙھندا

مٽياري کانپوءِ نوشهروفيروز ۾ موٽروي رٿا ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي ويو