سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ چيف سيڪريٽريءَ کي ايم سڪس موٽروي لاءِ زمين مهيني اندر اين ايچ اي جي حوالي ڪرڻ ۽ اين ايچ اي کي ٽن مهينن اندر نيشنل هاءِ وي جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ڪالهه نيشنل هاءِ وي ۽ موٽروي جو ڪم نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران اين ايڇ اي عملدار پيش ٿيا. درخواست گذار جي وڪيل شبير شر عدالت کي ٻڌايو ته قومي شاهراهه جي حالت خراب آهي، روڊ حادثن ۾ روزانو ماڻهو مرن پيا، ان باوجود ڪم نه پيو ڪيو وڃي. عدالت ۾ موجود اين ايڇ اي جي وڪيل زبير راجپوت عدالت کان مهلت طلب ڪندي خاطري ڪرائي ته نيشنل هاءِ وي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو. ايم سڪس موٽروي تي ڪم جون تياريون مڪمل آهن، سنڌ سرڪار زمين جو قبضو فراهم نه پئي ڪري. زمين جي مد ۾ 4 ارب کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي آهي. سنڌ سرڪار زمين ڏيندي ته ڪم شروع ڪيو ويندو. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن روڊ ناهي ٺهيل ته پوءِ ٽول ٽيڪس ڇو پيو ورتو وڃي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري مهيني اندر زمين اين ايچ اي حوالي ڪري ٻي صورت ۾ ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ گهرايو ويندو. عدالت اين ايچ اي کي مهلت ڏيندي اڳڀرائي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي هڪ مهيني اندر ايم سڪس موٽر وي جي زمين اين ايچ اي حوالي ڪرڻ ۽ اين ايچ اي کي ٽن مهينن اندر نيشنل هاءِ وي جو ڪم  مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 2 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.