سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي محمد بخش مھر ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو، احتساب عدالت سکر پ پ اڳواڻ جي عبوري ضمانت ۾ 29 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر پاران ضمانت ۾ واڌ لاءِ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي احتساب عدالت سکر ۾ ٿي گذري، ٻڌڻيءَ دوران محمد بخش مهر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته محمد بخش مهر ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي، سندس عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي. ان بعد عدالت محمد بخش خان مهر جي ضمانت ۾ 29 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ياد رهي ته محمد بخش خان مهر خلاف مبينا طور تي سرڪاري زمين ۾ خرد برد ڪرڻ جي الزام هيٺ نيب طرفان جاچ هلندڙ آهي.