ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم اين اي علي وزير ڪراچي سينٽرل جيل مان ڪي پي منتقل نه ٿيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم اين اي علي وزير کي ڪراچي سينٽرل جيل مان ڪي پي منتقل ڪرڻ واري ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست  جي ٻڌڻي ٿي، وڪيل قادر خان عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار علي وزير ٻن سالن کان ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد آهي، مٿس ڪراچي ۽ ڪي پي ۾ 3،3 ڪيس آهن  ضمانت باوجود ٽرائل ڪورٽ علي وزير  ڪي پي کي منتقل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت ٽرائل ڪورٽ کان علي وزير جي ضمانت متعلق ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.