ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم اين اي علي وزير خلاف ملڪ مخالف ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير جي الزام هيٺ سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪيل  ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالت چيو آھي ته  فيصلو 19 آگسٽ تي ٻڌايو ويندو، جڏھن ته علي وزير خلاف بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي به فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته علي وزير خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي 4 ڪيس داخل ٿيل آهن، جن مان ٽن ڪيسن ۾ سندس ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.