ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمن قمبراڻي)  ميھڙ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھاء وي سٽي ھوٽل لڳ پ پ پ ايم اين اي رميش لعل جي تيز رفتار لينڊ ڪروزر ۽ ان سان گڏ پروٽوڪول سان ھلندڙ پوليس موبائل جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ميھڙ کان ڳوٺ چاڪر سھول ويندڙ 2 پورھيت ٿڏي تي ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. حادثو ڪندڙ گاڏين فوتين کي اسپتال به نه پھچايو ۽ پ پ ايم اين اي قافلي سميت اتان فرار ٿي ويو. حادثي سبب فوتين جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ انڊس هاءِ وي تي پيل رهيا. فوتين ۾ ميھڙ جي ڳوٺ چاڪر سھول جو رھواسي 48 ورھين جو سڪندر علي پٽ فقير محمد سيال ۽ 47 ورھين جو وڌو خان پٽ دوست محمد سھول شامل آهن. واقعي جو اطلاع ٻڌي ئي ٻنھي فوتين جا وارث مرد ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي انڊس ھاء وي تي فوتين جا لاش رکي واقعي واري هنڌ ۽ بريدارو اسٽاپ وٽ ٻن جگھين تي احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا.  فوتين جون وارث عورتون دانهون پٽيون ۽ پاراتا ڏينديون رھيو جڏهن ته ڌرڻي دوران مڇريل ماڻهن جو پوليس توڙي مسافر گاڏين سان چڪريون پڻ ٿيون . فوتي وڌو سهول جي ڀاءُ فدا حسين سهول چيو ته حادثو ڪندڙ بااثر هجڻ ڪري پوليس کين بچائي رهي آهي ۽ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻندڙن کي پوليس روڪيو ناهي پوليس چوي ٿي ته حادثو ڪندڙ گاڏين جا نمبر نوٽ ڪيا آهن ته پوءِ پوليس ڪاروائي ڇو نه پئي ڪري؟ جڏھن ته فوتي سڪندر سيال جي پٽ ماجد سيال ٻڌايو ته حادثو ڪندڙ گاڏي پ پ پ ايم اين اي رميش لعل جي آھي جيڪو ڪراچي کان قمبر شهدادڪوٽ وڃي رهيو هيو ھو جيڪو ميھڙ باء پاس وٽ بيدردي سان ماڻھو ماري فرار ٿي ويو آھي ھوانهن اطلاع تي پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ٻرڙو ۽ ٻيا سياسي سماجي سول سوسائيٽي ۽ وڏي تعداد ۾ شھري واقعي واري هنڌ پهچي احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي . هنن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري فوتين جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.