ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري  القاعده اڳواڻ ايمن الزواهري جي مارجڻ ۾ پاڪستان جي حدن جي استعمال جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ڊرون پرواز ڪري افغانستان ۾ نار واري خطي مان آيو، فرض ڪيو پاڪستان ان لاءِ اڏا نه ڏنا آهن، ته پوءِ اهو ڊرون ڪهڙي ملڪ جي هوائي حدن مان اڏامي پهتو؟ ايران آمريڪا کي پنهنجي هوائي حدن کي استعمال ڪرڻ جو ڪو حق نه ڏنو آهي ڇا پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪيون ويون؟ ڇا ان ڪري ئي وزيراعظم عمران خان کي هٽايو ويو هو جو هن آمريڪا جي مطالبن جي جواب ۾ ايبسوليوٽلي ناٽ جو نعرو هنيو هو؟ آئون هميشه آمريڪا جي حڪومت جي تبديلي واري سازش کي جون 2021ع کان ڳڻيندي آهيان. اهو ٿبوت ڪافي آهي.