ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ  ڏکڻ جي عدالت ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ واقع ايمار ٽاور جي17هين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت ٿيل آءِ بي اي گريجوئيٽ عادل مسعود خان واري ڪيس ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل سندس 6 دوستن سيد محمد عمار، عثمان احمد، محمد اويس، عزيز احمد، احمد جميل ۽ سيد خضر اڪبر کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته 31 جولاءِ تي نوجوان عادل مسعود  ايمار ٽاور جي بالڪوني مان  هيٺ ڪري فوت ٿي ويو هو. پوليس مقتول جي ڀيڻ ورده مسعود جي فرياد تي قتل جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو  آهي.