ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ واقع ايمار ٽاور جي 17هين ماڙ تان ڪري فوت ٿيل آءِ بي اي گريجوئيٽ نوجوان عادل مسعود خان جي ڪيس ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل سندس 6 دوستن جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي پوليس کي اڄ جمعي ڏينهن جوابدارن کي  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ قتل جي قلم جو اضافو ڪيو ويو آهي. مقتول جي ڀيڻ جي فرياد تي قتل جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جاچ آفيسر موجب جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو ته اهي واقعي وقت منشيات جو استعمال ڪري رهيا هئا. جاچ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن جي سي ڊي آر رپورٽ حاصل ٿي نه سگهي آهي. عدالت جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي پوليس کي اڄ جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.