اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ايل پي جي جو اگهه ٻيهر وڌائي ڇڏيو ڇڏيو آهي. اوگرا ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ايل پي جو جو گهريلو سئلينڊر 57 رپيا 70 پئسا مهانگو ڪيو ويو آاهي، 11.8 ڪلو جي سئلينڊر جي نئين قيمت ٻه هزار 759 رپيا 89 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته في ڪلو ايل پي جي 4 رپيا 89 پئسا مهانگي ٿي وئي آهي، ان جي نئين قيمت 233 رپيا 88 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ايل پي جي مهانگي ٿيڻ سان اهي علائقا گھڻو متاثر ٿيندا جتي ايل پي جي رڌ پچاءُ ۾ ٻارڻ طور استعمال ٿيندي آهي.