ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان کي نظر ۾ رکندي ايل پي جي ڊيلرن به اگهه وڌائڻ لاءِ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ايل پي جي ڊسٽريبيوشن ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر اعلان ڪيو ته حڪومت ۽ پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ خلاف 31 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي ويندي. ٻئي طرف آل پاڪستان ريسٽورنٽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي صدر فاروق چوڌري چيو ته فالٽ واليم جي نالي تي به گيس چوري ڪئي پئي وڃي. عرفان کوکر چيو ته مارڪيٽ ۾ ايل پي جي 310 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي اسان کي سرڪاري اگهن تي نه پئي ملي، هن مطالبو ڪيو ته مقامي ايل پي جي جي پيداوار وڌائي وڃي ۽ ايل اين جي صنعت جيان ايل پي جي کي به سهولتون ڏنيون وڃن.