ڪراچي (م ڊ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قميت ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي قيمت 48 رپيا 78 پئسا في ڪلو گهٽ ڪئي وئي آهي، پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 228 رپيا 99 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن تي عمل پهرين اپريل کان ٿيندو.
اوگرا جي پڌرائيءَ موجب پهرين اپريل کان ايل پي جي جو گهريلو سليندڙ 575 رپيا 54 پئسا سستو ڪيو ويو آهي، ايل پي جي جي جي 11.8 ڪلو جي گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2702 رپيا 19 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.