ڪراچي(م ڊ) وفاقي حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ پاران ايل سيز نه کولڻ سبب دوائن جو ڪچو مال بندرگاهن تي ڦاٿل آهي ۽ ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ان جي ڪري ملڪ ۾ جگر، گڙدن ۽ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جو سلسلو بيهي ويو آهي ۽ مريض زندگي ۽ موت جي ٻه واٽئي تي بيٺل آهن. دوائن جا هزارين سيمپل ايئرپورٽ تي ڪسٽمز وارن روڪي ڇڏيا آهن. نجي ٽي وي موجب لاهور ۾ پي ڪي ايل آءِ ۾ پيوندڪاري جو ٽن هفتن کان ڪو آپريشن نه ٿيو آهي. اي ٽي جي دوا نه ملڻ ڪري اها صورتحال آهي. مريضن کي مفت ۾ دوائون نه پيون ملن. پي ڪي ايل آءِ ۾ روز گردي ۽ جگر جي هڪ هڪ پيوندڪاري ٿيندي آهي. ٽن هفتن کان ٻنهي جون 21-21 پيوندڪاريون نه ٿيون آهن.