ڪراچي (نمائندن وٽان) ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ آر ڊي 211 وٽان ڪٽ نه ڏيڻ ۽ قدرتي وهڪرن تان قبضا نه هٽائڻ خلاف جهڏو، ٽنڊو جان محمد، نئون ڪوٽ، ملڪاڻي شريف ۽ پنگريو ۾ شٽر بند هڙتال، احتجاجي مظاهرا، ريليون، ڌرڻا، خبر موجب جهڏو ۾ زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه ڏيڻ ۽ پاڻي جي قدرتي وهڪرن تان قبضا نه هٽائڻ خلاف شهرين سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران شهر جا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، اسٽيشن روڊ، انور عادل مارڪيٽ، محمدي مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ سميت ننڍا وڏا ڪاروبار مڪمل طور بند رهيا، جڏهن ته عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، شهري ايڪشن ڪاميٽي، واپاري ايسوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين اياز کوسو، اشفاق راجپوت، فضل ميمڻ، عمران لياقت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ٽنڊو جان محمد ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري ڪرم الله ساند، مير اعجاز ٽالپر ، احسان جروار ۽ ٻين جي اڳواڙي ۾ سوين ماڻهن ريلي ڪڍي، نئون ڪوٽ ۾ قدرتي وهڪرن جا لنگھه بحال ڪرڻ ۽ اسپائنل ڊرين کي آر ڊي 211 وٽان ڪٽ ڏئي پنجن ضلعن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ شهرين شٽربند هڙتال ڪري مين بازار کان پريس ڪلب تائين عظيم چانڊيو، وڪرم داس راٺي، لطيف چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ملڪاڻي شريف ۾ ڪٽ جي حمايت ۽ ايم ايم ڊي پراڻ ڍوري جي گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ جزوي هڙتال ڪري زاهد گجر، سيد امان الله شاهه، شفيع ملڪاڻي، علي چانڊيو، نثار پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، پنگريو ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري گهرام چانڊيو، آفتاب لغاري، اصغر چانڊيو، ارشد چانڊيو، اسلم جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار پاڻي جي قدرتي وهڪرن تان قبضا ختم نه ڪرائي جهڏو سميت پنجن ضلعن جي عوام کي ٻوڙي رهي آهي، پاڻي جا قدرتي لنگهه فوري طور بحال نه ڪيا ويا ته پاڻي نڪري نه سگهندو، هنن چيو ته عوام پاران زيرو پوائنٽ کولڻ لاءِ 6 ڏينهن کان شادي لارج وٽ ڌرڻو هنيو ويو پر سنڌ سرڪار پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، هنن چيو ته هاڪڙي درياهه ۽ پراڻ ندي جا اصل وهڪرا بحال نه  هئڻ ڪري جھڏو سميت نئون ڪوٽ شھر جون چار ڪالونيون پاڻي هيٺ اچي ويون آھن، جنهن ڪري هزارين ماڻھو روڊن رستن تي دربدر آھن، هنن چيو ته اسپائنل ڊرين وسيلي پاڻي نيڪال کي پنج کان ڇھه مھينا لڳي ويندا جنهن ڪري ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگهندي، هنن مطالبو ڪيو ته قدرتي وهڪرا بحال ڪري اسپائنل ڊرين کي آر ڊي 211 وٽان ڪٽ ڏنو وڃي، جيئن پنجن ضلعن جو پاڻي جلد نيڪال ٿي سگهي،